آمريڪا ۾ ٽرڪ مان 46 پرڏيهين جا لاش هٿ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر سان انتونيو ۾ هڪ لاوارث ٽرڪ مان گھٽ ۾ گھٽ 46 ماڻهن جا لاش هٿ ٿيا جنهن باري ۾ خيال ڪيو پيو وڃي ته هو پناهگير هئا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب باهه وسائڻ واري سرڪاري اهلڪار مقامي ميڊيا کي ٻڌايو ته 4 ٻارن سميت 16 ماڻهو جيئرا هئا جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اهلڪار موجب هو ماڻهو هيٽ اسٽروڪ جو شڪار هئا ۽ گرمي جي ڪري بيحال هئا، هنن جا جسم باهه وانگي گرم هئا.

پر شهر جي فائر ڊپارٽمينٽ موجب هي واقعو ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي سرحد تي انساني اسمگلنگ جو واقعو لڳي پيو.

شهر جي ميئر رون نيرنبرگ هن واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ان کي ڀيانڪ انساني لميو قرار ڏنو، هن تصديق ڪئي ته مرندڙن ۾ پورا پورا خاندان هئا، ممڪن آهي ته هي سڀ بهتر زندگي لاءِ هتي لڏي آيا هجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.