نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان دوري جي تصديق ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان دوري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

نيوز لينڊ ڪرڪيٽ موجب ڀارت خلاف هوم سيريز کانپوءِ نيوز لينڊ ٽيم پاڪستان جو دورو ڪندي، نيوزي لينڊ جي ننڍي کنڊ جو دورو فيبروري جي شروعات ۾ ختم ٿيندو.

نيوزي لينڊ پاڪستان ۾ هلندڙ سال ڊسمبر ۽ جنوري 2023 ۾ ٻه ٽيسٽ ۽ ٽي ون ڊي ميچز جي سيريز کيڏڻو آهي پر اڃا تائين سيريز جي شيڊول جو اعلان ناهي ڪيو ويو.

نيوزي لينڊ جي ٽيم ايندڙ سال اپريل ۾ وائٽ بال سيريز لاءِ پاڪستان دوري تي ايندي.

ياد رهي ته نيوزي لينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ وائٽ بال سيريز 30 نومبر تي ختم ٿيندي، ڪيوي ٽيم کي ڀارت ۾ به مختصر مدي جي سيريز کيڏڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.