لنڊن(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ جي هڪ ڏينهن ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيمن جي ڪپتان ايون مورگن عالمي ڪرڪيٽ کي خيرباد چئي ڇڏيو، مورگن پاران رٽائرمينٽ جو فيصلو فارم ۾ نه هجڻ ۽ انجريز جي ڪري ڪيو ويو.
انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاران ايون مورگن جي عالمي ڪرڪيٽ کان رٽائرمينٽ جي تصديق ڪئي وئي، انگلش ٽيم ايون مورگن جي قيادت ۾ 2019 ۾ پهريون ڀيرو آءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
مورگن 2010 ۾ ڪيريبيئن ۾ منعقد ٿيندڙ آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي جي فاتح ٽيم جو حصو به هيو.
ايون مورگن انگلينڊ ٽيم پاران سڀ کان وڌيڪ هڪ ڏينهن ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏڻ وارو ۽ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ رانديگر آهي.
هڪ ڏينهن جي ٽيم جي ڪپتان طور پنهنجي 7 ورهين جي دور ۾ هو انگلش ٽيم کي آءِ سي سي ورلڊ رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تائين وٺي ويو.
مورگن کي 2015 جي ورلڊ ڪپ کان اڳ انگلش ٽيم جي ڪپتاني ڏني وئي، هن 126 هڪ ڏينهن ۽ 72 ٽي ٽوئٽني ميچز ۾ انگلش ٽيم جي قيادت ڪئي.
واضح رهي ته ايون مورگن 2006 ۾ ڪرڪيٽ ڪيريئر جي شروعات آئرلينڊ ٽيم کان ڪئي هئي.