وياج بابت فيصلي خلاف اسٽيٽ بينڪ جي اپيل، وزيراعظم کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وياج بابت وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي اپيل واري معاملي تي اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين قبلا اياز وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو.

پنهنجي خط ۾ قبلا اياز چيو ته حڪومت، مالياتي ادارا يا ماڻهو وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل ۾ نه وڃن، حڪومت شريعت، معيشت ۽ قانون جي ماهرن تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جوڙي.

اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين قبلا اياز وزيراعظم کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته ٽاسڪ فورس وياج خلاف فيصلي تي عملدرآمد لاءِ سفارشون گڏ ڪري، اسلامي نظرياتي ڪونسل کي به ٽاسڪ فورس جو حصو بڻايو وڃي.

هن چيو ته ڪونسل 30 مئي تي بينڪن جي سربراهن سان به اپيل ۾ نه وڃڻ جي درخواست ڪئي پر 25 جون تي اسٽيٽ بينڪ پاران فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي، اسٽيٽ بينڪ جي اپيل کي عوام پسند ناهي ڪيو.

قبلا اياز وزيراعظم کان درخواست ڪئي ته هو اپيل کي واپس وٺڻ ۽ ٽاس فورس جوڙڻ ۾ ڪردار ادا ڪري.

ياد رهي ته وفاقي شرعي عدالت 22 اپريل 2022 تي ڏنل پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته حڪومت 5 سالن ۾ وياج کان پاڪ نظام لاڳو ڪري، 31 ڊسمبر 2027 تائين وياج کان مڪمل پاڪ نظام ملڪ ۾ لاڳو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.