پنجاب ننڍي چونڊ: اليڪشن ڪميشن، صوبائي حڪومت، فوج ۽ رينجرز جو گڏيل اجلاس ٿيندو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) چيو آهي ته 20 صوبائي تڪن جي ننڍي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن لاهور ۾ صوبائي حڪومت جي عهديدارن، آرمي ۽ رينجرز سان ميٽنگ ڪندو.

اي سي پي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪيورٽي پلان جو جائزو وٺندو.

پڌرائي ۾ چيو ويو ته آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي وئي ته ٻن ماڻهن جي موت جي ذميوارن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.

موت ۾ ڪو اميدوار يا سياسي شخصيت شامل آهي ته ان جي به سڃاڻپ ڪري اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائي موجب صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ کي حڪم ڏنو ته هو ايم پي اي جي پٽ ڪرن ڪمار جي عورت پرزائيڊنگ آفيسر سان بدتميزي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.

اليڪشن ڊيوٽي تي جيڪو عملو حاضر نه ٿيو، ان جو ڪيس اليڪشن ڪميشن کي اماڻڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.