اليڪشن ڪميشن وزيراعظم کي ڊيم جي افتتاح کان روڪي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن وزيراعظم شهباز شريف کي ڪهوٽا ۾ ڊيم جي افتتاح کان روڪي ڇڏيو.

لاهور کان اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن وزيراعظم ضابطن جي ڀڃڪڙي کان روڪي ڇڏيو.

ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي ڪهوٽا ۾ ڊيم جو افتتاح ڪرڻ وارو هو.

ترجمان موجب ڄاڻايل علائقو پي پي 7 راولپنڊي جي حدن ۾ شامل آهي.

ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته ضابطن جي ڀڃڪڙي تي عملدرآمد لاءِ وزيراعظم ڊيم جو افتتاح روڪي ڇڏيو.

ان کانپوءِ پرنسپل سيڪريٽري وزيراعظم جو دورو رد ٿيڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ننڍي چونڊ واري تڪ ۾ عوامي عهديدارن جو دورو ڪرڻ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. چونڊ شيڊول جي اعلان کانپوءِ ترقياتي رٿائن جو افتتاح ڪرڻ به ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي.

اليڪشن ڪميشن اڻڌري طور پنهنجي ذميواريون سرانجام ڏيندو رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.