درآمد ڪيل مڇين ۾ زبان کائيندڙ جيت دريافت !

سفوڪ (ويڪ ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي سمنڊ ڪناري تي منلندڙ ناياب جيتو برطانيا جي ڪائونٽي سفوڪ ۾ درآمد ٿيل مڇين جي دٻي ۾ دريافت ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽ موجب سيموٿوا ايڪسيگوا کي زبان کائيندڙ جيت چيو ويندو آهي جيڪو درآمد ڪيل مڇين ۾ برطانيا پهچي ويو.

هي جيت مڇين کي انفيڪشن ڪرڻ کانسواءِ انهن جي زبانن ۾ موجود رت جي نالين کي ساڙي ڇڏي ٿو جنهن سبب اهي ٽٽي پون ٿيون بعد ۾ هي جيت پاڻ کي مڇي سان ڳنڍي ٿو ۽ مڇي جي نئين زبان بڻجي وڃيٿو.

ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن هي جيت جيئرا نه هجن ته انسانن لاءِ ايترو نقصان ناهي.

جيئرا جيت انسانن کي چڪ هڻڻ سبب نقصانڪار ٿي سگهن ٿا.

اهي مڇيون جتان آيون هيون اوڏانهن واپس روانيون ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.