اسلام ڪوٽ ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين جو بجلي ڪٽڻ خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران بجلي ڪٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ وروائي، ڀاوي جو تڙ ۽ کاريو غلام شاهه سوڌو ٻين ڳوٺن جي رهواسين اسلام ڪوٽ ۾ حيسڪو ايس ڊي او آفيس ڀرسان احتجاجي مظاهرو ڪري ايس ڊي او خالد مصطفيٰ جي گذرندڙ گاڏي جو گھيراءُ ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو حيسڪو عملدارن ڪجهه ماڻهن جي رهتون ادا نه ڪرڻ تان 25 کان وڌيڪ ڳوٺڻ جي بجلي بند ڪري 11 هزار ڪي وي جون تارون لاهي ڇڏيون آهن، جيڪو سنئون سڌو ظلم آهي.

هنن چيو ته قهر جهڙي گرمي ۾ بجلي بند هجڻ ڪري عورتون ۽ معصوم ٻارڙا تڙپي رهيا آهن، تارون لاهيندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي بجلي بحال ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.