ڏهرڪي ۾ شاگرد جو ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج بند هجڻ خلاف احتجاج

ڏهرڪي ۾ شاگرد ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج بند هجڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج جي شاگرد دلاوار نواز علوي پنهنجي پيءُ غريب نواز علوي سوڌو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگرد ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته ڏهرڪي ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪاليج 8 مهينن کان استادن ۽ انتظاميا ۾ ڇڪتاڻ سبب بند پيل آهي، جنهن سبب غريب شاگردن جا مستقبل داءَ تي لڳل آهن.

هن چيو ته ڪاليج بند هجڻ خلاف ڊي سي گھوٽڪي کي درخواست توڙي سياسي، سماجي ڌرين سان گڏ احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو آهي پر اڃا تائين ڪاليج نه ٿو کوليو وڃي.

شاگرد وڌيڪ چيو ته ڪاليج جا انتظاميا ۽ استاد هٿ سان شاگردن جي تعليم تباهه ڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتو ڪاليج بند هجڻ جو نوٽيس وٺي تدريسي عمل بحال ڪرائي شاگردن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.