ميرپورماٿيلو:آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جو 33سيڪڙو مارڪن تي پاس نه ڪرڻ خلاف احتجاج

ميرپورماٿيلي ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن پاران 33سيڪڙو مارڪن تي پاس نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

هدايت شاهه، عزيز ڀتو، بابر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اميدوارن هٿن ۾ بينر کڻي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هنن استادن جي ڀرتين لاءِ آءِ بي اي ذريعي ورتل پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽن ۾ 33 پلس مارڪون کنيون.

هنن چيو ته ٽيسٽن کانپوءِ سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ هارڊ ايريا ڄاڻائي 33 پلس پرسنٽ تي من پسندن کي پاس ڪيو، جڏهن ته 18ضلعن جي اميدوارن کان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جو چيو ويو، جيڪا سنئين سڌي زيادتي آهي.

اڳواڻن سنڌ حڪومت ۽ تعليم کاتي کان مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ هڪ آهي ۽ هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندي 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پاس ڪري آرڊر ڏنا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.