ميروخان: يوسي حيدر چانڊيو تي جي ڊي اي اميدوارن جي اليڪشن ڪميشن کان ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي اپيل

سجاول جوڻيجو تعلقي جي يوسي حيدر چانڊيو تي جي ڊي اي اميدوارن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کان ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

تعلقي سجاول جوڻيجو جي يوسي حيدر چانڊيو جي جي ڊي اي اميدوار سرفراز احمد ساريو پنهنجي پئنل جي اميدوار بابر چانڊيو ۽ گدا حسين ساريو سان ميرو خان پريس ڪلب پهچي چونڊ نتيجا رد ڪيا.

هنن الزام هڻندي چيو ته يونين ڪائونسل حيدر چانڊيو ۾ پ پ قمبرشهدادڪوٽ جي ضلعي  صدر ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي اميدوارن قمرالدين گوپانگ سرڪاري مشينري استعمال ڪرائي چونڊ نتيجا تبديل ڪرايا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته رزلت دوران ڪاسٽ ٿيل ووٽ به ختم ڪري زيرو ڏيکاريا ويا، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي اپيل آهي ته ڌانڌلي جو نوٽيس وٺي يوسي حيدر چانڊيو تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.