”عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانن لاڳاپا خراب ڪيا“

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ جي اڳواڻ چڪ شومر پي ٽي آ ءِ چيئرمين عمران خان بابت خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

آمريڪي سينيٽر چڪ شومر نيو يارڪ ۾ آمريڪن پاڪستان ايڊووڪيسي گروپ کي خطاب ڪيو.

ان دوران سندس چوڻ هو ته عمران خان جي آمريڪا مخالف بيانن لاڳاپا خراب ڪيا.

هن چيو ته اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم آمريڪا لاءِ ڪي سٺيون ڳالهيون نه ڪيون، اميد آهي ته شهباز شريف صورتحال بهتر بڻائيندو.

چڪ شومر جو چوڻ هو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي بهتري لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.

خطاب دوران هن ڀارت ۾ مسلمانن تي مودي حڪومت جي ظالماڻي ورتاءَ جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪشميرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.