اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي 6 مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 7 نڪاتي ايجنڊا منظور ڪئي وئي.
ڪابينا قومي ويسٽ مينيجمينٽ پاليسي 2022 منظور ڪري ورتي، اجلاس ۾ مختلف ملڪن بابت ويزا پاليسي ۾ تبديلي جي ايجنڊا به منظور ڪئي وئي.
اجلاس ۾ اقتصادي رابطا ڪاميٽي جي 22 جون وارن فيصلن جي منظوري به ڏني وئي.
ڪابينا جي ليجسليٽو ڪاميٽي جي 23 جون وارن فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ اليڪٽرڪ پکن جي توانائي بابت معيار مقرر ڪرڻ جي منظوري سميت حج پاليسي 2022 جو نئون مسودو به منظور ڪيو ويو.
ڪابينا افغانستان سان ٽرانسپورٽرز کي 6 مهينن جو ملٽي پل ويزا ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو، ان فيصلي سان وچ ايشيا ۽ افغانستان ۾ واپار کي هٿي ملندي.