بجلي لوڊشيڊنگ دوران ٽيلي ڪام ۽ انٽرنيٽ سروس به بند ڪرڻ جو انديشو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽيلي ڪام ۽ انٽرنيٽ سروس فراهم ڪندڙ ڪمپنين بجلي جي ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ دوران سروسز معطل ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

ٽيليڪام ڪمپنين طرفان پي ٽي اي کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته لوڊشيڊنگ ۽ ٽيلي ڪام اوزارن جي درآمد تي ڪيش مارجن جي شرط جي ڪري بيڪ اپ بيٽريز جي کوٽ سبب ملڪ ۾ ٽيلي ڪام سروسز ۽ براڊ بينڊ انٽرنيٽ جي سروس معطل ٿيڻ جو خدشو آهي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته بجلي بحران سبب ٽيلي ڪام ڪمپنين کي خدمتون جاري رکڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي، ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ٽاور ۽ ٺڪاڻن لاءِ بيڪ اپ بجلي جي لاڳيتي فراهمي ممڪن ناهي رهي.

ڪمپنين خدشو ظاهر ڪيو ته بجلي بحران سبب سورس جي معيار ۽ نيٽ ورڪ بابت لائسنس جا شرط پورا ڪرڻ به ڏکيو آهي.

ٽيلي ڪام ڪمپنين موجب مهانگي ٻارڻ تي ڪيترائي ڪلاڪ بيڪ اپ فراهم ڪري سيليولر ٽاورز کي هلائڻ ڏکيو ڪم آهي ان ۾ خرچ وڌيڪ آهي.

ڪمپنين اپيل ڪئي آهي ته ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ اوزارن جي درآمد تي ڪيش مارجن جو معاملو لاڳاپيل اختيارن سامهون اٿاريو وڃي ۽ مسئلو فوري حل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.