عمران خان جو وري اسلام آباد ۾ احتجاج جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته 2 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ عوام سان گڏجي ملڪ ۽ عوام خلاف سازش تي تاريخي احتجاج ڪنداسين.

عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ عوام تي مهانگائي جي اثرن جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ 2 جولاءِ تي جلسي ۽ حڪومتي اتحادين جي قومي اسيمبلي ۾ تقريرن جي متن جو به جائزو ورتو ويو.

عمران خان چيو ته پاڪستان کي وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ کان بچائڻ لاءِ هڪ ئي رستو صاف چونڊون آهن.

سندس چوڻ هو ته چورن کي رليف ڏيڻ لاءِ عوام کي بدترين مهانگائي جي اذيت ۾ مبتلا رکيو ويو آهي.

عمران خان وڌيڪ چيو ته امپورٽڊ ڪٺ پتلين 9 هفتن ۾ مهانگائي جي صورت ۾ عوام کان پنهنجي غلامي جي قيمت اوڳاڙي، هنن چورن جي هٿن ۾ معيشت جو مستقبل اوندانهون آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.