ڪراچي (ويب ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل جي طبيعت خراب ٿي پئي آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان موجب ڪنور نويد جميل کي برين هيمرج ٿيو آهي.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪنور نويد جميل کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
هن قوم کان سندس صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي آهي.