”مخالف ٻڌائين ته ڪٿي ڌانڌلي ٿي آهي“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آبي وسيلن واري وفاقي وزير خورشيد شاهه چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ٻڌائين ته ڪهڙي ڪهڙي سيٽ تي ڌانڌلي ٿي آهي.

هن چيو ته مخالفن سکر، لاڙڪاڻي ۽ نوابشاهه جي جنهن تڪ تي آڱر کنئين اتي ٻيهر پولنگ ڪرائينداسين.

خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻيهر پولنگ ۾ به اهو نتيجو نڪتو ته پاڻ ٻڌايو ته الزام تراشي جي ڪهڙي سزا هوندي؟

ياد رهي ته سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 13 ضلعن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.