”تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جن کي ڪير به تبديل نه ڪري سگهي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته اسان ڏکيائين ۾ ڦاٿل آهيون، ملڪ جي تقدير تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا جن کي ڪا حڪومت تبديل نه ڪري سگهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته دائري ۾ گهمندا رهنداسين.

اسلام آباد ۾ ٽرن آرائونڊ پاڪستان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته مفتاح اسماعيل مفتاح اسماعيل صبح ميسيج موڪليو ته اءِ ايم ايف کان هڪ نه ٻه ارب ڊالر ملي ويندا، مفتاح اسماعيل کي جواب  چيو ته اسان جي منزل خودمختياري آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان جي اتحادي حڪومت آهي، فيصلن تي مشاورت جمهوري عمل آهي، بنگلاديش ۾ 6 ارب ڊالر کان وڏو انفرااسٽرڪچر بڻايو ويو، پاڪستان ۾ به ڪنهن شئي جي کوٽ ناهي، هر شعبي جا ايڪسپرٽ آهن، 14 مهينن ۾ معاشي بهتري آڻينداسين پر اهو سياسي استحڪام سان واڳيل آهي.

شهباز شريف چيو ته افغانستان مان ڪوئلو جلد اچڻ شروع ٿي ويندو، ريڪوڊڪ ۾ اربين ڊالر جو خزانو دفن آهي پر اسان هڪ ٽڪو ناهي ڪمايو، پاڪستان قرضن جي بار هيٺيان دٻجي چڪو آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جو مقصد زراعت جي ترقي ۽ برآمدات وڌائڻ آهي، وڏا چيلينجز آهن، اسان سڀ گڏجي ملڪ کي بحران مان ڪڍنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.