پوليو ٽيم تي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار ۽ هڪ رضاڪار قتل

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي دتا خيل ۾ اڻڄاتل هٿياربندن پوليو ٽيم تي حملو ڪري ٽيم جي حفاظت تي مقرر ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ رضاڪار کي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليو ايمرجنسي ريسپانس سينٽر جي اختيارين حملي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته رضاڪار جي سڃاڻپ رشيد الله جي نالي سان ٿي آهي.

سينيئر پوليس آفيسر اشفاق انور موجب هٿياربند موٽرسائيڪل تي آيا ۽ ويڪسينيشن ٽيم تي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ هڪ واٽهڙو ٻارڙو به زخمي ٿيو.

ياد رهي ته سال 2012 کان هيل تائين ڪيترن ئي پوليو ورڪرز ۽ حفاظت تي مقرر اهلڪارن کي قتل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.