ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي پهرين جولاءِ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ بابت لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
موسميات کاتي جي جاري ڪيل الرٽ موجب پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ طوفاني برسات جا امڪان آهن.
موسميات کاتي موجب 2 کان 4 جولاءِ تائين اسلام آباد، لاهور، راولپنڊي جڏهن ته 3 کان 5 جولاءِ تائين ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ برساتن سبب ٻوڏ جو خطرو آهي.