دعا زهرا جهڙو نئون ڪيس، عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ دعا زهرا جيان ڇوڪري جي مبينا اغوا ۽ زبردستي نڪاح جي هڪ وڌيڪ ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

ڇوڪري جي والدين عدالت آڏو بيان ڏنو ته سندن ڌيءُ ام هاني کي 21 مئي تي حيدرآباد مان اغوا ڪيو ويو.

پوليس ڇوڪر ۽ ڇوڪري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

ان موقعي تي ڇوڪري ام هاني بيان ڏنو ته مونکي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، منهنجي آفتاب سان شادي ٿي آهي.

ڇوڪري جي والدين عدالت آڏو بيان ۾ چيو ته ام هاني جي عمر 11 سال آهي، اغوا ڪرڻ کانپوءِ هن سان شادي ڪئي وئي.

عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته اسان آڏو گمشدگي جو ڪيس هيو، ڇوڪري عدالت ۾ پيش ٿي چڪي آهي، ڪيس ۾ هاڻ وڌيڪ ڪجهه نٿا ڪري سگھون.

ڇوڪري جي پيءُ عدالت کي ٻڌايو ته ڌيءُ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي، هي ماڻهو مافيا سان واسطو رکن ٿا، هن کي وڪڻي ڇڏينداسين.

سنڌ هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته توهان کي جيڪي به خدشا آهن ان حوالي سان ٽرائل ڪورٽ سان رابطو ڪريو.

ڇوڪري جي پيءُ عدالتي ڪمري ۾ رڙيون ڪندي چيو ته عدالت کان انصاف نه گھرنداسين ته ڪيڏانهن وينداسين؟

عدالت دعا زهرا ڪيس جو ذڪر ڪندي ريمارڪس ۾ چيو ته اسان وڏن ڪيسن ۾ ائين ناهي ڪيو ته ان ۾ ڪيئن ڪري ڇڏيون؟ حالانڪه هو ڪيس ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هاءِ لائٽ ٿي رهيو هو.

عدالت ڇوڪري جي پيءُ کي هدايت ڪئي ته جيڪو طريقڪار آهي اهو اختيار ڪيو وڃي.

ڇوڪري جي پيءُ ڇوڪري جا اسڪول ۽ امتحاني سرٽيفڪيٽ به عدلت ۾ پيش ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته اسڪول سرٽيفڪيٽس موجب ام هاني جي پيدائش جو سال 2010ع آهي، جڏهن ته نڪاح نامي تي ڇوڪري جي عمر 18 سال داخل ڪئي وئي آهي.

عدالت پوليس کي ام هاني جو بيان وٺڻ کانپوءِ ڇوڪري سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.