ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
جي يو آءِ پاران جيڪب آباد، نوشهرو فيروز، لاڙڪاڻي ۽ قمبر ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
لاڙڪاڻي ۾ عوامي اتحاد پاران ڌانڌلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي تي ڌانڌلي جو الزام هنيو هو.
راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، نتيجا رد ڪريون ٿا، ڪارڪنن تي تشدد ۽ دهشگردي جي ڪيسن کانپوءِ وفاق ۾ اتحاد تي غور ڪنداسين.
جي يو آءِ اڳواڻ چيو هو ته مڪاني چونڊن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي گوليون هلايون ويون ۽ اسان جن ئي ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي.
راشد محمود سومري پارٽي قيادت کان به زرداري ڀڄايو، سنڌ بچايو تحريڪ شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.