خيرپور: گڏهه گاڏو هلائڻ واري جي ڌيءَ پ پ اميدوار کي مات ڏئي ڇڏي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جر پهرئين مرحلي ۾ خيرپور سان واسطو رکندڙ هڪ مزدور جي ڌيءُ پروين شيخ آزاد اميدوار طور اليڪشن کٽي ورتي.

مڪاني چونڊن ۾ پروين شيخ 430 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته سندس مخالف پيپلزپارٽي جي اميدوار منٺار شيخ رڳو 190 ووٽ حاصل ڪري سگهيو.

پروين شيخ ولد غلام شاهه شيخ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي وارڊ هڪ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوار منٺار شيخ کي شڪست ڏني جنهن کي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ايم اين اي نفيسا شاهه جيلاني طرفان نامزد ڪيو ويو هو.

پروين شيخ هڪ غريب گهراڻي سان واسطو رکي ٿي ۽ سندس 6 ٻار آهن، سندس پيءُ پهريان گڏهه گاڏو هلائيندو هو ۽ اڄ ڪلهه ريڙهو هلائي ٿو.

پروين جو مڙس هڪ وفاقي اداري ۾ هيٺئين گريڊ جو ملازم آهي.

پروين شيخ جو ان کان اڳ چوڻ هو ته منهنجو پيءُ به سياسي مسئلن سبب منهنجي خلاف ٿي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.