چوڌري شجاعت، حمزا شهباز يا پرويز الاهي مان ڪنهن جي حمايت ڪندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين جو چوڻ آهي ته حمزا شهباز جي حمايت ڪرڻ واري ن ليگ جي دعويٰ رد ڪريان ٿو.

چوڌري شجاعت حسين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صاف لفظن ۾ چوان ٿو ته چوڌري پرويز الاهي ئي اسان جو اميدوار آهي، اسان جا ميمبر چوڌري پرويز الاهي کي ووٽ ڏيندا، افواهه پکيڙي اسان جي ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي غلط فهمي ۾ وجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

چوڌري شجاعت حسين چيو ته ق ليگ جي اسيمبلي ميمبرن هميشه پارٽي ڊسيپلين جي پابندي ڪئي آهي، ق ليگ جا ميمبر چوڌري پرويز الاهي جي حمايت ڪندا، مان ڪڏهن غلط بياني ناهي ڪئي، هميشه چٽي ڳالهه ڪندو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.