سنڌ اسيمبلي رات جو بجيٽ منظور ڪري ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي گذريل رات مالي سال جي 1713 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ منظور ڪري ورتي.

خيال رهي ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس گذريل ڏينهن يارهين وڳي کان جاري هو، اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ 4 ڪلاڪ 50 منٽ ڊگهو خطاب ڪيو ۽ حڪومت تي تنقيد ڪئي.

مڪاني کاتن واري وزير ناصر شاهه حليم عادل شيخ تي تنقيد ڪندي چيو ته سندس خطاب ۾ مواد گهٽ ۽ ذهني وهم وڌيڪ هو.

تاريخ تبديل ٿيڻ تي سومر جي صبح 11 وڳي شروع ٿيل اجلاس رات 11 لڳي 55 منٽن تي ملتوي ڪري رات 12هين وڳي ٻيهر شروع ڪرايو ويو.

تاريخ تبديل ٿيڻ بعد ٻيهر اجلاس ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي وئي ۽ ٻيهر رڳو 15 منٽن ۾ ايندڙ مالي سال جي 1713 رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ منظور ڪئي وئي.

اپوزيشن ميمبرن جي ڪٽوتي جون رٿون ميمبرن جي غيرموجودگي سبب رد ڪيون ويون.

بجيٽ منظوري کانپوءِ سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پهرين جولاءِ اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.