ملير ۾ شاگردن جو فين ۾ واڌ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ڌرڻو

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي) ملير ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن طرفان فين ۾ واڌ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپل جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ،فيون گهٽايو مستقبل بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ،ڪاليج انتظاميا 30 هزار سالياني في ۾ 5 هزارن جي واڌ کان پوءِ 47 هزار روپيا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي وچين طبقي سان واسطو رکون ٿا ڳري في ڀري نٿا سهگون ڪاليج ۾ شاگرد يونين  به ٺاهڻ نٿي ڏني وڃي ،شاگرد ،شاگردن جو احتجاج ناجائز آهي فين تي ڪاليج جا خرچ پورا ڪريون ٿا سنڌ حڪومت گرانٽ به نٿي ڏي ٻاهريان ماڻهو شاگردن کي ورغلائي رهيا آهن ڪاليج پرنسپل جون صحافين سان ڳالهايون  تفصيل موجب   ملير ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا ڪاليج جي شاگردن طرفان فين ۾ واڌ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري پرنسپل جي آفيس سامهون احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو ويو. جنهن جي اڳواڻي عامر مينگل ،مير ايوبي ،هاشم لنڊ ،اسد لنڊ ،هدايت علي ڪري رهيا هئا شآگردن  فيون گهٽايو مستقبل بچايو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ، هڻي رهيا هئا ان موقعي تي ڄاڻايل شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪاليج انتظاميا 30 هزار سالياني في ۾ 5 هزارن جي واڌ کان پوءِ ٻيهر في ۾  47 هزار روپيا وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي  جيڪو نا قابل برداشت آهي انهن چيو ته امتحاني في چار هزار هڪ سو هئي جيڪا وڌائي پنج هزار سو ڪئي ويئي ان ۾ پروسس في پنج سو روپيا وڌي وڃي انهن چيو ته ڪاليج انتظاميا هر ٽن مهينن مڊ ٽرم امتحان لاءِ غير قانوني طور هزار رپيا اوڳاڙي ٿي انهن چيو ته  اسان شاگرد وچين طبقي سان واسطو رکون ٿا ڳري في ڀري نٿا سهگون ڪاليج ۾ شاگرد يونين  به ٺاهڻ نٿي ڏني وڃي انهن چتاءُ  ڏنو ته جيڪڏهن شاگردن جا جائز مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين ان سلسلي ۾ جڏهن  ڪاليج پرنسپل رياض حسين لنڊ سان  رابطو ڪيو ويو ته هن  شاگردن جي احتجاج ۽ مطالبن کي رد ڪندي چيو ته  شاگردن جو احتجاج ناجائز آهي فين تي ڪاليج جا خرچ پورا ڪريون ٿا سنڌ حڪومت گرانٽ به نٿي ڏي هن چيو ته شاگردن جي احتجاج ۾  ٻاهريان ماڻهو شامل آهن جيڪي شاگردن کي ورغلائي رهيا آهن هن چيو ته شاگردن سان ڳالهايون ڪري ممڪن حد تائين سندن مسئلن جو جائزو وٺنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.