باقراڻي لڳ جهيڙو، فائرنگ، عورت، ٻارڙي ۽ پيرسن زخمي، لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) باقراڻي ويجهو باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ حافظ هارون تنيو ۾ نالي جي معاملي تان فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت پروين خاتون سندس 12 سالن جي ڌيءَ عريزه ۽ چاچو پنجل شيخ سخت زخمي ٿي پيا جن کي سندن وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمين جي وارثن دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ ۾ نالي جي معاملي تان پوليس کاتي جي ملازم خدابخش شيخ، واحد بخش شيخ، مير محمد شيخ ۽ چيزل شيخ وارن فائرنگ ڪري اسان جي وارثن کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جن خلاف حد جي باقراڻي ٿاڻي جي پوليس کي شڪايت ڪئي پر پوليس ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ۽ نه ئي بااثرن گرفتار ٿيا آهن جن مان اسان کي جان جو خطرو آهي. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته حملي ۾ ملوث بااثرن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.