ميڪسيڪو ۾ هٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 پوليس اهلڪار مارجي ويا، 4 زخمي

ميڪسيڪو سٽي (اي پي پي) ميڪسيڪو جي اترئين رياست نيوليون ۾ هٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 پوليس اهلڪار مارجي جڏهن ته 4 زخمي ٿي پيا آهن. چيني خابرو اداري ميڪسيڪو جي سيڪيورٽي واري وزارت جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو واقعو اترئين رياست نيوليون جي شهر ليمپازوس ۾ ان وقت پيس آيو جڏهن هٿياربندن جي هڪ گروپ پوليس جي 10 بڪتربند ٽرڪن جي قافلي تي حملو ڪري ڏنو. وزارت ٻڌايو ته حملو ڪندڙن جو انگ پوليس کان وڌيڪ هو ۽ هنن وٽ آٽوميٽڪ هٿيار هئا. جوابي فائرنگ ۽ وڌيڪ فورسز جي مدد تي هٿياربند پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿي ويا. ريسڪيو ٽيمن لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.