ملائيشيا ۾ ڪورونا جا 2 هزار ڪيس رپورٽ

ڪوالالمپور (اي پي پي) ملائيشيا ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار نوان ڪيس سامهون آيا آهن. چيني خابرو اداري مطابق ملائيشيا جي صحت واري وزارت چيو ته ملائيشيا ۾ ڪورونا وائرس جا 2 هزار 3 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن جنهن کانپوءِ ڪيسز جو مجموعي انگ 45 لک 56 هزار 664 ٿي ويو آهي. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ فوتگي ٿي آهي جنهن کانپوءِ فوتگين جو مجموعي انگ 35 هزار 746 ٿي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.