چوهڙ جمالي جي ماڇڪي نالي ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو، پڇڙيءَ جا متاثر سراپا احتجاج

چوهڙ جمالي (ن ع آ) چوهڙ جمالي ۾ماڇڪي نالي جي پڇڙيءَ  ۾پاڻي نه ڇڏڻ خلاف سماجي تنظيم سي ڊي او  ۽ راڄوڻي اتحاد شاهبندر چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.ان موقعي تي امير بخش جت، احمد شاھ ،عارب ڀتڙ،احمد ننڍڙو جت، اسماعيل شاھ،، غلام زنگيجو، عرس مرگهل ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسين پڇڙيءَ جا ماڻھو گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي لاءِ تڙپي رهيا آھيون، ماڇڪي نالي جي آر ڊي 157 تائين شاخ ۾ پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، جر زهريلو بڻجي ويو آھي، اسين سمنڊ جو کارو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آھيون، جنهن ڪري وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آھن، مسلسل پاڻي جي کوٽ سبب بک بدحالي ۽ فاقه ڪشي جي ڪري هتان جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھن. هنن چيو ته ايريگيشن عملو هٿ وٺي ايترو پاڻي شاخن ۾ ڇڏيو وڃي ٿو جو ماڇڪي نالي جي پڇڙيءَ تائين پآني پهچي ئي نه ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته ماڇڪي نالي جي پڇڙيءَ تائين پاڻي ڇڏي شاخ کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.