جڙي ٻوٽين جي خاتمي سان چڻن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو : زراعت کاتي جو ترجمان

قصور (اي پي پي ) زراعت کاتي جي ترجمان چيو آهي ته جڙي ٻوٽين جي خاتمي سان چڻن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو . چڻن جي فصل کي پيازي ، باٿو چڪني بوٽي ، سٽي ، دمبي ۽ ريواڙي نقصان پهچائينديون آهن .  جڙي ٻوٽين جي خاتمي لاءِ ڪيميائي زهرن جو استعمال هڪ موثر طريقو آهي پر ميداني علائقن ۾ ان جو استعمال نهايت احتياط سان ڪرڻ گهرجي . جڙي ٻوٽين جي خاتمي لاءِ زراعت کاتي جي مقامي عملي  جي مشوري سان زهر جو استعمال ڪرڻ گهرجي . هن ٻڌايو ته چڻن جي فصل کي پاڻي جي گهٽ ضرورت  پوندي آهي پر ميداني علائقن ۾ فصل جو دارو مدار برساتن تي هوندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.