ڀنگ پوکڻ وارو منصوبو ختم، امڪاني ڪمائي جا انگ اکر وائکا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تازو بجيٽ ۾ موجوده حڪومت تحريڪ انصاف جي حڪومت جو شروع ڪيل ڀنگ پوکڻ وارو منصوبو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو هو ته تحريڪ انصاف اهو منصوبو وفاقي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ شروع ڪيو هو ۽ ڀنگ پاليسي کي پي ايس ڊي پي ۾ شامل ڪيو.

ويب رپورٽ موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري چيو آهي ته حڪومت ڀنگ پاليسي ٺاهي وڪري مان 4 سالن ۾ 8 ارب ڊالر ڪمائي سگهي ٿي.

هن چيو ته حڪومت ڪڏهن ڪا ڀنگ پاليسي لاڳو ناهي ڪئي پر موجوده معاشي صورتحال کي نطر ۾ رکندي وقت اچي ويو آهي ته اسان هن ڊرگ جي وڪري مان به ڪمايون.

سندس چوڻ هو ته ڀنگ جي استعمال بابت هڪ پاليسي تيار ڪئي آهي جڏهن ته ڪابينا ان جي منظوري ناهي ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.