فائديمند ڀاڄي لوڪي موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿي ! سبب ڇا آهي؟

سائي ڀاڄي لوڪي قدرتي طور تي اڻ ڳڻين فائدن سان مالا مال آهي جيڪا اوهن جي جسم کي هائڊريٽ رکي ٿي جڏهن ته وامن سي، اي اي ۽ ڪي جو به ڀرپور ذريعو آهي.

لوڪي ۾ سوڊيم، ڪيلشيم، آئرن، زنڪ ۽ ميگنيشيم جهڙيون ضروري معدنيات به آهن، هي ڪوليسٽرول جي خراب سطح کي گهٽ ڪري صحمتند دل لاءِ به ڀلي آهي.

لوڪي وزن گهٽائڻ، پاڻي جي کوٽ، قبض ۽ دل جي لاءِ به پسنديده گهريلو علاج آهي، هن کي شگر لاءِ به اثرائتي دوا سمجهيو وڃي ٿو.

جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي صبح سان هڪ گلاس لوڪي جو جوس پيئندي ڏسو ته حيران نه ٿيو، ڇو ته ڪيترائي ماڻهو لوڪي جي فائدن کان باخبر هوندا آهن.

زهريلا مادا

لوڪي ۾ ڪجهه زهريلا مادا هوندا آهن جن بابت محتاط رهڻ گهرجي، ان ۾ زهريلا Tetracyclic teriterpeniod مرڪب هوندا آهن جن کي cucurbitacins چون ٿا، هي ڪوڙاڻ واري ذائقي ۽ زهر جا ڪارڻ هوندا آهن، لوڪي جو ٻوٽو هن زهر کي ساوڪ کائيندڙ جانورن خلاف دفاعي طريقيڪار طور پيدا ڪري ٿو.

ڪوراڻ سان لوڪي جو جوس پيٽ ۾ سور، الٽي ۽ موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو، ان لاءِ صلاح ڏني ويندي آهي ته جيڪڏهن هن جو ذائقو ڪوڙو آهي ته هن کان پاسو ڪريو.

ماهر چون ٿا ته حد کان وڌيڪ لوڪي جو جوس به نقصانڪار آهي، جيڪڏهن ڪوڙي لوڪي کائجي ته ان جو زهر سائنائيڊ برابر هوندو آهي.

جوس ٺاهڻ کان اڳ لوڪي جو هڪ ٽڪڙو ڪٽي چکي وٺجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.