ميهڙ: عوامي تحريڪ جو شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاج، علامتي بک هڙتال

ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ پاران شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪارڪنن نجيب مهيسر، منصور چانڊيو، امتياز سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ چوٿين ڏينهن به گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ڪئي..

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا آڏو الزام مڙهيندي چيو ته پئسن ميهڙ ۾ پئسن عيوض پوسٽنگس وٺندڙ پوليس عملدار ٿاڻن تي پاٿاريون قائم ڪري ڇڏيون آهن، جنهن سبب شهر ۾بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي.

هنن چيو شهر ۾ چورين، ڦرن، ڌاڙن جون وارداتون معمول ٿي ويون آهن، منشيات به سرعام هلي رهي آهي پر پوليس ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران پرامن احتجاج ڪندڙ شهرين تي ڪيس داخل ۽ پ پ مخالفن کي هراسان ڪرڻ ۾ پوري آهي.

اڳواڻن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ ۾ بدامني تي ضابطو آڻي شهرين داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.