ڪنڌڪوٽ ۾ نوجوان جو چاچن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ ۾ ڳوٺاڻي چاچن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

ڳوٺ نصير احمد گولي جي رهواسي نوجوان ميرحسن گولي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

هن ميڊيا آڏو الزام دانهيندي چيو ته سندس پيءُ 20 سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي، جنهن ملڪيت جي ملڪيت زمين ۽ دڪانن مان چاچا حصو نه پيا ڏين.

هن الزام مڙهيندي چيو ته ملڪيت مان حصو گھڙڻ تان چاچا ڪريم بخش ۽ محمد حسين موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ عدالت ۾ درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي، ايس ايس پي ۽ ڊي سي ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ سوڌو ٻيا وس وارا نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.