ڳيريلو: ڳوٺ عرض محمد وٽان رائيس ڪئنال کي گھارو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ بند ڪري ورتو

ڳيريلو ويجھو رائيس ڪئنال کي گھارو پوڻ سبب پاڻي زمينن ۽ گھرن ۾ ڪاهي پيو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪري ورتو.

ڳيريلي جي ڳوٺ عرض محمد بروهي وٽ رائيس ڪئنال کي اوچتو 20 ڦٽ گھارو پئجي ويو، جنهن ڪري پاڻي گھرن ۽ زمينن ۾ ڪاهي پيو.

اطلاع باوجود آبپاشي عملو گھارو واري هنڌ نه پهتو، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪري ورتو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڪيترن سالن کان پچنگ نه ٿيڻ ڪري رائيس ڪئنال جي ڪپر ٻنهي پاسن کان ڪمزور ٿي ويا آهن، جنهن سبب گھارا پوڻ معمول ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته گھارا پوڻ وقت آبپاشي عملو سهڪار نه پيو ڪري اڄ به گھاري جي اطلاع باوجود عملو نه پهتو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ گھارو بند ڪيو.

ڳوٺاڻن آبپاشي کاتي کان مطالبو ڪيو ته رائيس ڪئنال جي ڪپرن جي پچنگ ڪرائي ڳوٺن ۽ سوين ايڪڙ زمينن کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.