برڪس ۾ شامل هڪ ميمبر اجلاس ۾ شرڪت کان روڪيو: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس (ايف او) تصديق ڪئي آهي ته پنج ملڪي سربراهي اجلاس برڪس جي هڪ ميمبر گذريل هفتي غيرميمبر ملڪن لاءِ ٿيندڙ ڳالهين ۾ پاڪستان جي شرڪت کي روڪي ڇڏيو هو.

برازيل، روس، ڀارت، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا تي ٻڌل برڪس دنيا جي وڏن ترقي پذير ملڪن جو گروپ آهي جيڪو عالمي آبادي جو 41 سيڪڙو، عالمي جي ڊي پي جو 24 سيڪڙو ۽ عالمي واپار جو 16سيڪڙو آهي.

امسال چين گروپ جي سربراهه جي حيثيت سان اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، برڪس ۾ ٻه درجن غيرميمبر ملڪن جي اڳواڻن 24 جون تي ٿيندڙ ورچوئل اجلاس ۾ شڙڪت ڪئي. ان اجلاس ۾ پاڪستان جي شرڪت نه ڪرڻ تي ڪيترن ملڪن کي حيرت ٿي جيڪو چين جو هڪ اهم اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي ۽ فليگ شپ بيلٽ اينڊ روڊ جو ڀائيوار آهي.

ان موقعي تي چين يا پاڪستان مان ڪنهن پاران ڪا وضاحت سامهون ناهي آئي پر پرڏيهي آفيس آخرڪار سرڪاري موقف جاري ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار ڪنهن به ملڪ جو نالو وٺڻ بنا چيو ته برڪس جو هڪ ميمبر ملڪ پاڪستان جي دعوت کي روڪڻ جي پويان آهي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان برڪس اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي چين کي مبارڪباد ڏئي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.