لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) وفاق ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل اهم پارٽي جمعيت علماءِ اسلام سنڌ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل راشد محمود سومري سنڌ جي 14 ضلعن ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي تي ڌانڌلي جو الزام هڻي ڇڏيو.
راشد محمود سومري جو چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي، نتيجا رد ڪريون ٿا، ڪارڪنن تي تشدد ۽ دهشگردي جي ڪيسن کانپوءِ وفاق ۾ اتحاد تي غور ڪنداسين.
جي يو اءِ اڳواڻ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ اسان جي ڪارڪنن تي گوليون هلايون ويون ۽ اسان جن ئي ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر ڪاٽي وئي.
راشد محمود سومري پارٽي قيادت کان به زرداري ڀڄايو، سنڌ بچايو تحريڪ شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.