لاڙڪاڻي ۾ ڇڪتاڻ، عورتن کي ڌمڪيون، حمايتن ۾ منهن ماري

لاڙڪاڻو ( ڊر )  لاڙڪاڻي شهر جي ميونسپل ٽائون ڪاميٽي حيدري جي يونين ڪاميٽي 2 جي وارڊ 4 اولڊ بس اسٽينڊ جي شاهه آباد هيلٿ ڊسپينري پولنگ اسٽيشن تي ڇڪتاڻ تي پيپلز پارٽي جي حمايتن طرفان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته چيئرمين جي آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ جاويد بليدي ۽ وائيس چيئرمين عاشق جتوئي مٿان عورت پولنگ اسٽيشن تي مرد بيهارڻ جو الزام لڳايو. جنهن دوران ٻنهي ڌرين جي حمايتن وچ ۾ منهن ماري ٿي. اطلاع تي ڊي ايس پي ميران خان دراني پوليس نفري سان گڏ لاڳاپيل پولنگ اسٽيشن تي پهچي تفصيل ورتا ۽ اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق تي عمل درآمد ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي اڳواڻ شير محمد لغاري ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته هن يوسي تي مخالف اميدوار جو نشان هٿوڙو آهي جيڪو پاڻ کي پي ٽي آءِ جو اميدوار سڏرائي رهيو آهي جن جي وائيس چيئرمين عاشق جتوئي پولنگ اسٽيشن تي عورتن کي ڌمڪيون ۽ داٻو ڏئي رهيو آهي ته هو ٻاهر نڪرن، اسان پيپلز پارٽي وارا هميشه مخالفن سان گڏجي امن پسندي سان چونڊ وڙهي آهي اهڙي حرڪتن سان هو پولنگ بند ڪرائڻ چاهن ٿا. جي ڊي اي ۽ پي ٽي آءِ وارا زبردستي عورتن جي پولنگ اسٽيشنن ۾ وڃي داداگيري ۽ غنڊه گردي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي شڪايت تي ڊي ايس پي ميران خان دراني پهتو پر ايس ايڇ او سول لائين مهتاب کهاوڙ ناهي پهتو جنهن کي هتي پهچڻ گهرجي. اسين رينجرز ۽ انتظاميه کي اپيل ٿا ڪريون ته عورتن جي پولنگ اسٽيشنن ۾ مردن کي اچڻ نه ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.