سو ڀو ديرو جي 8 وارڊن مان 5 پ پ ۽ 3 تي جي ڊي اي ڪامياب

سو ڀو ديرو ( ن ع آ ) بلدياتي چونڊن ۾ پ پ پاران غلط اميدوار سليڪٽ ڪرڻ سبب ۽ ڪم نه ڪرائڻ سبب ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو جي وارڊ نمبر 7 تي GDA اميدوار ماجد علي ميمڻ 413 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو برڪت شيخ 255 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو وارڊ 2 تي آزاد اميدوار سيد غلام حسين عرف حسن شاھ 88 ووٽ کڻي ڪامياب پ پ جو اميدوار ارشاد علي گاڏھي 82 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ GDA جو اميدوار سيد زوھيب علي شاھ 15 ووٽ کڻي ٽئين نمبر رھيو. ٽائون ڪميٽي وارڊ ون 1 تي پ پ جو مرتضي سامٽيو 393 ووٽ کڻي ڪامياب GDA جو اشفاق سامٽيو 271 ووٽ کڻي ھارائي ويو ٽئين نمبر تي آزاد اميدوا صفدر شاھ 74 ووٽ چوٿين نمبر تي Pti جو مير نورالنبي ٽالپر 70 ووٽ کنيا.ٽائون ڪميٽي سوڀوديرو وارڊ 6 تي پ پ جو شھزادو لاشاري 432 کڻي ڪامياب ٿي ويو GDA جو سڄڻ لاشاري 274 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔وارڊ نمبر 3 تي GDA جو اميدوار ايڊوڪيٽ شفقت علي اوٺو 651 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو پ پ ممتاز علي کوکر 487 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔وارڊ نمبر 8 تي پ پ جو 1089 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو GDA جو اسلم علي سھتو 301 ووٽ کڻي ھارائي ويو۔ وارڊ نمبر 5 تي پ پ جو حبيب  الله منڱڻيجو 670 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو ٻئي نمبر تي آزاد اميدوار رازعلي منڱڻيجو 271 ووٽ کڻي ھارائي ويو، وارڊ نمبر 4 تي پ پ جو نسيم حيدر سولنگي 536 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو GDA جو احسان علي ميمڻ 226 ووٽ کڻي ھارائي ويو. گذريل مڪاني چونڊن ۾ اٺ ئي وارڊ پ پ کٽيا ھيا پ پ جي ناقص ڪارگردگي ۽ غلط اميدوار بيھارڻ سبب پ پ کان ٽي وارڊ ھارائجي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.