بلدياتي اليڪشن ۾ سمورن ضلعن تي اميدوار بيھاريا آھن: اسلامي تحريڪ پاڪستان

ميهڙ (ت ر)اسلامي تحريڪ پاڪستان سنڌ جي صدر علام اسد اقبال زيدي ۔ مولانا عابد عرفاني ۔ مولانا مجاهد حسين چانڊيو ۔ سيد فدا حسين شاه ۔ مولانا عبدالرشيد سان گڏ مدرسه سفينه اهلبيت ميهڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ اسان سنڌ جي سمورن ضلعن تي پنھنجا اميدوار بيھاريا آھن. بلدياتي اليڪشن ۾ زبردستي ووٽ وڌا پيا وڃن ۔ سنڌ ۾ اڪثر ضلعن ۾ ڌانڌليون ڪرڻ لا۽ ماڻهن مٿان حملا ڪيا پيا وڃن ۔ اليڪشن پرامن ٿيڻ کپي ۔ تشدد سبب عوام جي اليڪشن مان دلچسپي ختم ٿي ويندي اليڪشن ڪميشن پرامن اليڪشن کي شفاف بڻائڻ لا۽ پوليس ۽ رينجرز ۽ فوج کي حڪم جاري ڪري ته جيئن عوام پنهنجي مرضي مطابق ووٽ داخل ڪري ۔ اسان جي اميدوارن کي سرڪاري مشينري ۽ وڏيرا شاهي ذريعي دٻايو پيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.