سڪرنڊ ۾ پ پ 15 مان 13 وارڊن تي ڪامياب

سڪرنڊ (ن ع آ) تعلقي سڪرنڊ ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ غير سرڪاري غير حتمي نتيجن موجب ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي 15 وارڊن مان پيپلز پارٽي 13 وارڊن تي ڪامياب. ايس يو پي هڪ وارڊ ۽ هڪ وارڊ تي آزاد اميدوار ڪامياب ٿي وئي. جڏهن ته تعلقي سڪرنڊ جي 18 يونين ڪائونسلن مان ٻن يوسيز ڪرم جمالي ۽ حسن جمالي تي بنا مقابلي پيپلز پارٽي جا اميداور ڪامياب ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٽائون سڪرنڊ جي وارڊ نمبر 1 تي پ پ جو نور احمد رند ، وارڊ 2 تي پ پ جو امتياز علي راهو ، وارڊ 3 تي پ پ جو سيد عذير اختر شاهه ، وارڊ 4 تي پ پ جو سعيد علي ملاح ، وارڊ 5 تي پ پ جو شاهنواز زئونر ، وارڊ 6 تي پ پ جو شوڪت علي ڪيريو ، وارڊ نمبر 7 تي پ پ جو الهيار کوکر، وارڊ تي 8 تي ايس يو پي جو غلام مصطفيٰ شاهه ، وارڊ نمبر 9 تي پ پ جو اصغر علي انصاري ، وارڊ 10 تي پ پ جو هيبت رند ، وارڊ نمبر 11 تي آزاد اميدوار وهاج خانزاده ، وارڊ نمبر 12 تي پ پ جو جاويد علي سومرو ، وارڊ 13 تي پ پ جو هدايت الله ڪيريو ، وارڊ 14 تي پ پ جو علي بخش ملاح ، وارڊ 15 تي پ پ جو علي گل جلالاڻي ڪاميابي  ماڻي. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي ٻن وارڊن مان ٻن عورتن وارڊ 11 تي پي ٽي آئي جي عقيلا رضوان ۽ وارڊ نمبر 4 تي مسمات صدوري لاشاري حصو ورتو جيڪي ڪامياب نه ٿي سگهيون. جڏهن ته تعلقي سڪرنڊ جي 16 يوسين تي ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي جتي پ پ اميدوارن کي غير سرڪاري غير حتمي نتيجن مطابق برتري حاصل آهي. جڏهن ته جي يو آئي ۽ ن ليگ سميت پي ٽي آئي جو ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو آهي. ووٽ جو ٽرن آئون نه هجڻ جي برابر رهيو. جڏهن ته تعلقي سڪرنڊ جي 15 وارڊن ۽ 18 يوسين تي 143 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.