اسلام ڪوٽ ٽائون پ پ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو، جشن

اسلام ڪوٽ(ت ر) اسلام ڪوٽ ٽائون جي ٿيل ٻن وارڊن جي اليڪشن جو نتيجو  وارڊ نمبر 2  تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پ پ جو ڊاڪٽر شنڪرلال 631 کڻي ڪامياب جڏهن ته پي ٽي آءِ جو گومون ڀيل 34 ووٽ کڻي سگهيو. جڏهن ته وارڊ نمبر 5 تي پ پ جو ڪرشن سنگھ راجپوت 863 کڻي ڪامياب جڏهن ته پي ٽي آءِ جو جان محمد خاصخيلي 198 ووٽ کڻي سگهيو.ٻنهي وارڊن تي پ پ پ اميدوارن جي  ڪاميابي جي خوشي ۾ ڪارڪنن پاران جهمريون هڻي ريلي ڪڍي سموري شهر جو گشت ڪري جيت جي نعريبازي ڪئي ياد رهي ته اسلام ڪوٽ جا ٽوٽل پنج وارڊ آهن جن مان ٽن وارڊن تي اڳ ۾ پ پ پ جا ٽئي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيل آهن جنهن ۾ ڪمليش ڪمار حاجي الهڏنو بجير ۽ ڇڳن ڪولهي شامل آهن اڄ ٻن وارڊن ۾ ٿيل اليڪشن ۾ پ پ جا ٻئي اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ بعد اسلام ڪوٽ ٽائون پ پ مڪمل طور کٽي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.