ٺٽي ۾ مڪاني چونڊن جو چھچٽو، جوڙ ٽوڙ جاري

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ۾ بلدياتي چونڊن جو چھچٽو زور وٺي ويو، يوسي گليل تي پ پ ۽ جي يو آءِ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي ايم پي اي علي حسن زرداري تي اعتماد ڪندي پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ يوسي گليل جي اڳواڻن ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ يوسي گليل تي چيئرمين جي سيٽ تي پ پ پ جو نامزد اميدوار غلام نبي شيخ، وائيس چيئرمين سجاد ڳاھو، ضلعي  ڪائونسل جو اميدوار غلام رسول خشڪ، پ پ ڪائونسلرن سميت 2 جي يو آءِ جا ڪائونسلر به بنا مقابلي ڪاميابي ماڻڻ بعد يوسي گليل جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.