مخالفن منھنجي تائيد ڪندڙ کي گم ڪري ڇڏيو:الطاف شيرازي

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي جي سياسي ۽ سماجي شخصيت، واپاري اڳواڻ الطاف شاھ شيرازي چيو آھي ته اليڪشن ۾ ھارائڻ جي خوف سبب مخالفن منھنجي تائيد ڪندڙ کي گم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو اڃا تائين غائب آھي، سماجي ماڻهو آھيان، عوام جي خدمت جي جذبي تحت فارم ڀرايو، منھنجي حمايتن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو ويو. ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ھِن چيو ته عوامي خدمت تي يقين رکان ٿو، جيڪو ڪم جاري رکيو ويندو، عوام جي خدمت خاطر بلدياتي  اليڪشن ۾ فارم ڀرايو پر مخالف ايترا ته خوفزده ٿي ويا آھن جو منھنجي تائيد ڪندڙ کي گم ڪري ڇڏيو آھي، ان جي ظاھر ٿيڻ سان سڀ حقيقتون سامھون اينديون، جنھن بعد قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو. ھن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ۾ بيھڻ ھر شھري جو آئيني ۽ قانوني حق آھي پر ھن وقت حڪومت ڌر ۾ ويٺل حڪمران ايترا ته خوفزده آھن جو مخالفن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪري رھيا آھن، جنھن بعد شفاف اليڪشن ٿيڻ ناممڪن آھي. ھن چيو ته منھنجو فارم رد ٿيو آھي پر آئون پنھنجي شھر جي عوام جي خدمت ڪندو رھندس ان لاءِ ڪنھن عھدي جو ھجڻ ضروري ناھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.