ڳيريلو جو پورهيت پراسرار نموني گم ٿي ويو، ڳولا ۾ مدد جي اپيل

ڳيريلو ( ن ع آ ) ڳيريلو واسي نوجوان جاويد ميئو راجپوت گذريل ڏينهن  شهر ٻاهران قائم پنهنجي رائيس مل تي ويندي رستي مان پراسرار نموني گم ٿي ويو، وارثن ۾ ڳڻتي ڇانيل آهي ان ڏس ۾ نوجوان جي پيءُ رجب ميئو راجپوت رابطو ڪرڻ تي ميڊيا کي ٻڌايو ته جاويد احمد گذريل ڏينهن پنهنجي رائيس مل تي مزدورن لاءِ ماني کڻي ويندي رستي مان پراسرار نموني  گم ٿي ويو آهي جنهن جي مائٽن توڙي دوستن وٽ ڪافي ڳولا ڪئي آهي، پر ڪٿي به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو ۽ سندس موبائيل فون پڻ بند پيو ملي جنهن ڪري اسين سخت پريشان آهيون،  ڊي آءِ  جي پوليس لاڙڪاڻو۽  ايس ايس پي  پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.