ملڪي معاشي صورتحال ۽ مهانگائيءَ جا پورهيت طبقي تي پوندڙ اثر

لطيف ملاح

ملڪ ۾ معاشي صورتحال هر ڏينهن نئين بحران جو شڪار ٿي رهي آهي، تيل، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي، ائين ڪڏهن به نه ٿيو هو جو هڪ ئي وقت تيل جي اگهن ۾ 30 روپين تائين جي وڏي واڌ ڪئي وئي هجي، پر هاڻ پاڪستان ۾ 5 کان 10 روپيا تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿيڻ بجاءِ اها واڌ 25 کان 30 روپين تائين ٿيندي نظر اچي رهي آهي، تيل جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ جنهن انداز سان کاڌ خوراڪ جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙي واڌ ٿي رهي آهي ان ۾ مزدور ۽ پورهيت طقبو وڏي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، 3 سئو کان 5 سئو روپيا ڏهاڙ ڪمائيندڙ مزدور مهانگائي جي طوفان ۾ پنهنجي گهرڀاتين کي ڪهڙي خوراڪ کارائي سگهندو، ڪهڙي طرح هو پنهنجي گهر جو گاڏو هلائي سگهندو ان جو احساس شايد حڪمران طبقن کي نه ڪڏهن ٿيو آهي نه ئي ٿيندو، هر طرف عوام جون رڙيون ٻڌڻ ۾ اچي رهيون آهن، پر حڪمرانن کي ڪا پرواهه ئي ناهي ته ملڪ جي عوام مٿان مهانگائي جا بم ڪيرائڻ سان عوام ڪيڏو ڀوڳي ٿو.

پي ٽي آءِ جي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت جي دوران اڄ جي حڪمرانن ۽ ان وقت جي مخالف ڌر جنهن انداز سان احتجاج ۽ لانگ مارچ ڪري عوام کي اهو ٻڌائڻ پئي چاهيو ته اسان کي جيڪڏهن وارو مليو ته اسان ملڪ جي معاشي حالت بهتر ڪنداسين ۽ عوام جي جان مهانگائي مان آجي ڪرائينداسين، پر جڏهن عمران حڪومت جي مخالف ڌر پاڻ اقتدار ۾ آئي ته ان کان عوام جي تڪليف وسري وئي، اڄ جڏهن هو اقتدار ۾ آهن ته ساڳي پي ٽي آئي سرڪار واري ٻولي ڳالهائي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عمران خان جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ اقتدار جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيترائي ماڻهو غلط فهمي جو شڪار هئا ۽ انهن پي ٽي آئي سرڪار سان گڏجي عوام کي پئي گمراهه ڪيو ته عمران خان جي حڪومت ٻين حڪومت جهڙي نه هوندي هن حڪومت ۾ آسرا نه ملندا پر اصل ۾ ٻين ملڪن جا ماڻهو هتي روزگار ڪرڻ ايندا، عوام سک جو ساهه کڻندو، پر ڳالهه ان جي ابتڙ ٿيندي وئي، پاڪستان جي روپئي جي قيمت ڏينهون ڏينهن ڪرندي وئي ۽ ڊالر جي قيمت ۾ اضافي ڪري پاڪستان ۾ مهانگائي وڌندي وئي، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو ويو، جنهن سان عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو. 2018ع ۾ مهانگائي 3.9 سيڪڙو هُئي، اها هر ڏينهن وڌندي رهي، هاڻ مهانگائي جي شرح ۾ روز جي بنياد تي واڌ ٿيندي پئي وڃي، عوام رڙيون ڪندو رهيو ته مهانگائي جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان چوندو هو ته پاڪستان دنيا جو سستو ترين ملڪ آهي، وري اڄ جا حڪمران ويٺا عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا هئا، ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ صورتحال مٽجي وئي ۽ اڳوڻي مخالف ڌر حڪمران ڌر بڻجي وئي ۽ اڳوڻا حڪمران مخالف ڌر بڻجي ويا، جنهن کانپوءِ هنن ٻنهي ڌرين پنهنجي پنهنجي موقف جي مٽا سٽا ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ڪالهه چوندا هئا ته مهانگائي ناهي، اڳوڻن حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ان ڪري قرض کڻي رهيا آهيون، جڏهن ته جيڪي ڪالهه عمران حڪومت کي نااهل قرار ڏئي پيا وڏا ڀاشن ڏيندا هئا اهي هاڻ چئي رهيا آهن ته اسان کي ته خبر ئي نه هئي ته ايتري وڏي تباهي ٿي وئي آهي، ان ڪري عوام کي برداشت ڪرڻو پوندو، مهانگائي ٿيندي ۽ روز جي بنياد تي ٿيندي، موجوده ۽ اڳوڻن حڪمرانن جي ويڙهه ۽ اسٽيبلشمينٽ جي مفادن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو عوام کي بڻايو ويو آهي.

ايتري مهانگائي ٿيڻ باوجود چيو پيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ مهانگائي جي شرح ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو، مهانگائي جو طوفان جيڪو هلندڙ آهي ان ۾ شدت ايندي، ان سڄي صورتحال کي جيڪڏهن ڏسجي ته روز آڻين ۽ روز چاڙهين وارو ماڻهو ڪيڏانهن وڃي.

اٽو، کنڊ، گيهه ۽ کاڄرو تيل خريد ڪرڻ عوام جي وس ۾ ناهي رهيو، کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ رات وچ ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي وڃي ٿي، کائڻ پيئڻ جون شيون مارڪيٽ ۾ ناياب بڻجي وڃن ٿيون، عوام ٻن ويلن جي لاءِ پريشان ٿي ويو آهي، پورهيت فاقاڪشي جو شڪار آهن. ڀاڄين جي قيمت ڏسبي ته اها به عام ماڻهو جي واپرائڻ کان ڏکي ٿي وئي آهي، ڀاڄي مهانگي ٿيڻ ڪري گهٽين ۾ گاڏڙن ذريعي ڀاڄي کپائيندڙن ڀاڄي کپائڻ ئي ڇڏي ڏني آهي، سندن چوڻ آهي ته ڀاڄي مهانگي ٿيڻ ڪري هنن ڀاڄي کپائڻ ڇڏي ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سندن ڀاڄي بچي پئي ته کين تمام وڏو نقصان ٿئي ٿو. ڀاڄي وڪرو نه ڪرڻ جي صورت ۾ هو فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن. مزدوري ڪندڙن جي ڏهاڙي صرف 3 سئو کان 5 سئو روپيا آهي، جنهن جي ڪري مهانگائي ۾ هو ويلا ويهي وڃن ٿا، سندن ٻچا بکئي پيٽ رهن ٿا، ڪي وري هڪ ويلو کائين ٿا ته ٻيو ويلو کائڻ بجاءِ ڪنهن مددگار جي مدد جو انتظار ڪن ٿا، مهانگائي ۾ اضافي کانپوءِ ڪم ئي بند ويا آهن ۽ کين هر روز جي بنياد تي مزدوري به نه ٿي ملي.

کاڌ خوراڪ جي شين جو سڌو تعلق زراعت سان آهي، پر جڏهن آبادگار پنهنجا فصل مارڪيٽ تائين پهچائين ٿا ته انهن جو حشر به ڏاڍو خراب ٿئي ٿو، هڪ طرف کاڌي پيتي جون شيون ذخيرو ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي طرف آبادگارن کي سندن فصلن جا اگهه نٿا ملن، هن وقت ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، سنڌ کي سدائين پاڻيءَ جي لاءِ تڙپايو ويندو رهيو آهي، پر موجوده وقت ۾ پاڻي جو بحران سنگين ٿيل آهي، جيڪي فصل پوکيا ويا اهي سڪي سڙي ويا آهن ۽ جتي فصلن ۽ ڀاڄين جو ٿورو گهڻو بچاءُ ٿي ويو اهي مارڪيٽ ۾ پهچندي ٽڪي ڌڙي ٿي ويا. زرعي جنسن جي وڪري وقت دلال ۽ ڪميشن خور آبادگارن جي چمڙي لاهي ڇڏين ٿا، جنهن جي ڪري ننڍا آبادگار پنهنجو قرض به نٿا لاهي سگهن، ڇاڪاڻ ته اهي شيون جيڪي اسان کي مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه تي ملن ٿيون، اصل ۾ اهي آبادگارن کان منافعي خور دلال سستي اگهه تي خريد ڪري ٿو.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان ٽئين دنيا جي انهن ملڪن مان آهي جتي عوام جي اڪثريت غربت واري لڪير کان هيٺ واري زندگي گهاري ٿي. هتان جو اڪثريتي عوام هڪ ويلي ماني لاءِ به پريشان نظر اچي ٿو، جڏهن ته هڪ مخصوص طبقو جيڪو عوام جي ووٽن تي ئي اقتدار جو ڌڻي بڻجي ٿو اُهو عام چونڊن کان اڳ ته عوام سان وڏا وڏا واعدا ڪري ٿو پر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ حڪمرانن کان عوام سان ڪيل واعدا ائين وسري ويندا آهن، جيئن ڪو ماڻهو واريءَ تي ليڪا ڪڍي ۽ هوا جو هڪ جهوٽو اچي ۽ ان کي ڊاهي وڃي، بلڪل اهڙيءَ طرح ئي اقتدار ۾ ايندڙ ڌريون پوءِ اُهي سنڌ سان تعلق رکندڙ هجن يا پنجاب سان يا ورري خيبر پختونخواهه سان پر ڪابه اقتداري ڌر عوام جي حقيقي فلاح ۽ بهبود بابت سوچڻ بدران قرض ڏيندڙ عالمي مالياتي ادارن جن کي ڪيترائي ماڻهو عالمي مالياتي سامراجي ادارا به سڏيندا آهن پوءِ انهن ادارن ۾ آءِ ايم ايف هجي يا ڪو ٻيو ادارو، انهن جا ڳرا شرط مڃي ڏينهون ڏينهن عوام کان ماني ڳڀو کسي رهيا آهن. تازو اخبار ۾ آيل خبرن موجب آءِ ايم ايف موجوده گڏيل حڪومت سان جنهن جي نمائندگي وزيراعظم طور شهباز شريف ڪري رهيو آهي ۽ مفتاح اسماعيل خزاني وارو وزير آهي. اهڙي طرح ماضيءَ جيان هن حڪومت سان به آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي لاءِ ڳرا شرط رکيا آهن. جنهن ۾ بجلي ۽ پيٽرول تان سبسڊي ختم ڪرڻ ۽ انهن شين جا اگهه وڌائڻ جا شرط رکيا ويا آهن. موجوده حڪمرانن آءِ ايم ايف جا سمورا شرط به مڃي ورتا آهن ۽ انهن تي عمل به ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح هڪ پاسي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي ته ٻئي پاسي وري ڊالر 207 روپين کان به مٿي چڙهي ويو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻ تائين ڊالر جو اگهه اڃا به اڳتي اڏام ڪري وڃي. هڪ پاسي آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي ته پيٽرول جي سبسڊي کي محدود ڪري ۽ ٻين شين تي به ڏنل جنرل سبسڊي ختم ڪئي وڃي. بجلي پڻ مهانگي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو ويو آهي، بجلي مهانگي به ڪئي وئي آهي، انهن قدمن کڻڻ کانپوءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي.

اها انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته حڪومت ڪهڙي به اچي پر ان کي آءِ ايم ايف کان قرض ضرور وٺڻو پوي ٿو ۽ ائين ڏينهون ڏينهن ملڪ تي هڪ پاسي قرضن جو بار وڌي ٿو ته وري ٻئي پاسي آءِ ايم ايف جا ڳرا شرط مڃڻ سبب هر ڏينهن ملڪ ۾ هڪ مهانگائي جو طوفان اچي ٿو. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي غربت ۾ شديد واڌاري سبب عام ماڻهو جو جيئڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي. ماڻهو هڪ ويلو ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن، ڇو ته اسان وٽ آيل حڪومتن جي قرض پروگرام سبب نه ته ڪي نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿين ٿا نه ئي عوام جي آمدني جي واڌاري لاءِ ڪي بهتر قدم کنيا وڃن ٿا. خاص طور تي روزاني اُجرت تي ڪم ڪندڙ مزدور، ننڍو دڪاندار، ريڙهن تي ڀاڄي، ميوا ۽ ٻيون شيون وڪرو ڪندڙ ماڻهو اٽي، چانور، گيهه، کنڊ پتي توڙي ٻين روزاني ضرورت جي شين جي اگهه ۾ واڌاري سبب انتهائي ڪسمپرسي ۽ غربت واري زندگي گهارين ٿا. جڏهن به ڊالر جا اگهه وڌن ٿا يا پيٽرول جا اگهه وڌن ٿا ته انهن جو سڌو سنئون اثر غريب عوام تي پوي ٿو، امير طبقي تي انهيءَ جو خاص اثر نه ٿو پوي. اڳ ۾ جيڪو مزدور ۽ پورهيت ماڻهو موٽرسائيڪل ۾ 50 جو پيٽرول ڀرائي يا پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ 30 روپيا ڀاڙو ڀري پنهنجي ڪم واري هنڌ پهچندو هو اُن کي هاڻي هڪ سئو روپيا رڳو پنهنجي ڪم واري هنڌ تائين پهچڻ ۾ لڳن ٿا ۽ حڪومت پاران ڏهاڙي مزدور لاءِ اعلانيل معاوضي تي به ڪو سيٺ يا ٺيڪيدار عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، جنهن ڪري ڪنهن پورهيت کي معاوضي طور پورو حق به نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ڪري هو وڌندڙ مهانگائي کان سخت پريشان آهي.

ملڪ ۾ ايندڙ تباهي جو ذميوار ڪير به هجي پر سچي ڳالهه هيءَ آهي ته حڪومت ۾ ايندڙ حڪمرانن جي ئي اها ذميواري آهي ته اُهي ماضيءَ ۾ ڇڏيل ڪنڊن کي نه رڳو صاف ڪن پر فوري طور تي اهڙا قدم کڻن جنهن سان هڪ عام غريب ماڻهو جو ڀلو ٿئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ هو هڪ ويلو ئي سهي پر پنهنجي ٻچن کي پيٽ ڀري ماني کارائي سگهي. اهڙي طرح هڪ پاسي غربت ۽ مهانگائي عوام کي پريشان ڪري رکيو آهي ته ٻئي پاسي وري دنيا ۾ ٿيندڙ موسمياتي تبديلين سبب وڌندڙ گرمي پد به ماڻهن کي پريشان ۽ بي حال بڻائي ڇڏيو آهي.

گرميءَ جي شدت جيتوڻيڪ قدرتي آهي پر گرميءَ جي موسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خاص طور تي سنڌ اندر هن وقت پاڻي جي حوالي سان ڄڻ ته ڏڪار واري صورتحال آهي، هڪ پاسي واهن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگار فصل پوکڻ لاءِ پريشان آهن ته ٻئي پاسي جانور، پکي پکڻ توڙي انسان پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن. پاڻي جي کوٽ ته پنهنجي جاءِ تي پر بجليءَ جي وڌندڙ لوڊشيڊنگ به ماڻهن لاءِ ڪنهن وڏي عذاب کان گهٽ نه آهي. ان ڪري عوام کي صحيح فلاحي ۽ جمهوري رياست واري حڪمرانن وارو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڀلي کڻي ملڪي معيشت کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ غير ملڪي ادارن کان قرض کڻڻو پوي پر انهن ادارن جا اهڙا شرط هرگز نه مڃيا وڃن جنهن سان ملڪ جي اڪثريتي غريب عوام کي ڀوڳڻو پوي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.