خوراڪ جي کوٽ سبب 80 لک ٻارن جي حياتيءَ کي خطرو آهي: گڏيل قومون

دنيا ۾ جنم وٺندڙ ڪيترائي الميا انسان جي لاءِ گهڻي تڪليف جو سبب بڻجن ٿا، هاڻوڪي عالمي معاشي ۽ سياسي بحران سبب ٻين ڪيترن ئي مسئلن جيان  ٻارن جون زندگيون به غيرمحفوظ بڻجي رهيون آهن، هن وقت هڪڙو اهم مسئلو دنيا ۾ خوراڪ ۽ غذا جي کوٽ جو به پيدا ٿي پيو آهي،جنهنڪري ڪيترن ئي ننڍن ٻارن ۾ بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن، ٻارن ۾ جيئن ته بيمارين سان ورهڻ جي سگهه ٻارڙن گهٽ هوندي آهي، تنهنڪري جسم ۾ غذا ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب بيماري ٻارن تي تڪڙو حملو ڪري وٺنديون آهن.هن ڀيري به گڏيل قومن جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته 80 لک ٻارن جي حياتيءَ کي خطرو آهي،

گڏيل قومن جي ٻارن بابت  فنڊ (يونيسيف) موجب يوڪرين ۾ هلندڙ جنگ، ڪجهه ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ڪورونا جي وبا سبب هن سال خوراڪ جي عام شين جا اگهه وڌي رهيا آهن، جنهن ڪري عام ماڻهون جي قوت خريد گهٽجي وئي آهي، نتيجي ۾ ننڍي عمر جي ٻارن کي گهربل غذا نه پئي ملي ،

گڏيل قومن جي هيٺين اداري يونيسيف، جي عملدارن پاران جاري ڪيل  هڪ تازي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پنجن سالن کان گهٽ عمر جا اٽڪل 80 لک  ٻار سخت غذائي کوٽ سبب موت جي خطري ۾ آهن.اها رپورت 23 جون تي جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ موجب انهن ٻارن مان اڪثريت جو تعلق انهن  15 ملڪن سان آهي  جن ۾ خوراڪ ۽ طبي امداد جي سخت کوٽ آهي.جنهن جي  فهرست ۾ افغانستان، ايٿوپيا، هيٽي ۽ يمن سڀ کان مٿي آهن.غذائي کوٽ ٻارن ۾ مدافعتي نظام جي ڪمزور ٿيڻ جو سبب بڻجندي آهي، جنهن ڪري پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن ۾ موت جو خطرو سٺي کاڌي پيتي وارن ٻارن جي مقابلي ۾ 11 ڀيرا وڌي ويندو آهي.يونيسيف جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال جي شروعات کان وٺي 2 لک 60 هزار ن کان وڌيڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار ٿيا آهن.رپورٽ موجب يوڪرين ۾ جاري جنگ ۽ موسمياتي تبديلين سبب دنيا جي ڪجهه حصن ۾ جاري ڏڪار سبب خوراڪ جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي.

ساڳئي وقت ڪورونا وائرس جي وبا خوراڪ جي کوٽ کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪا اڃا تائين دنيا جي ڪيترن ئي حصن کي متاثر ڪري رهي آهي، ايجنسيءَ موجب وڌيڪ وقت ضايع نٿو ڪري سگهجي.يونيسيف جو چوڻ آهي ته وڌندڙ بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ فوري طور تي 1.5 بلين ڊالرز جي امدادي پيڪيج جي ضرورت آهي.يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو آهي ته معاشي طور تي ترقي يافته دنيا (جي 7 ) ملڪ  جلد ئي جرمني ۾ پنهنجي ”وزارتي اجلاس“ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن ۽ عالمي اڳواڻن کي انهن ٻارن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ جو هڪ نادر موقعو مليو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.