شاهه رخ خان ۽ سلمان خان مان وڏو ڪير آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان ۽ سلمان خان سان پنهنجي پيشيوراڻي ۽ ذاتي لاڳاپن بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان کي خبر ناهي ته اسان وچ ۾ وڏو ڪير آهي.

سپر اسٽار شاهه رخ خان گذريل ڏينهن 25 جون تي انڊسٽري ۾ ٽي ڏهاڪا مڪمل ڪيا ۽ ان خاص ڏينهن تي هن پهريون ڀيرو انسٽاگرام تي لائيو سيشن به ڪيو.

ان سيشن ۾ شاهه رخ خان مداحن جي سوالن جا جواب ڏيندي پنهنجي ۽ سلمان خان جي لاڳاپن بابت ڳالهايو.

شاهه رخ خان چيو ته سلمان خان سان گڏ ڪم جو نه پر سدائين محبت جو تجربو، خوشگوار تجربو، دوستاڻو تجربو ۽ ڀائيراڻو تجربو هوندو آهي، جڏهن به سلمان خان سان ڪم ڪندو آهيان ته حيرت انگيز ڪم لڳندو آهي.

اداڪار چيو ته اسان رڳو هڪ فلم کانسواءِ ڪا به اهڙي فلم ناهي ڪئي جنهن ۾ اسان وڌيڪ دير تائين گڏ هجون.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته مان سلمان سان فلم”ٽيوب لائٽ“ ۽ ”زيرو“ ۾ ڪم ڪري خوب لطف اندوز ٿيس.

ان کانسواءِ ڪنگ خان سلمان خان کي پنهنجي فيملي به چيو، هن چيو ته هو ڀاءُ آهي، اسان نٿا ڄاڻيون ته وڏو ڀاءُ ڪهڙو آهي، اسان مان هر هڪ مختلف ڏينهن ۾ هڪٻئي سان وڏي ڀاءُ جهڙو سلوڪ ڪندو آهي، جيڪو به غلطي ڪندو آهي ٻيو وڏو ڀاءُ بڻجي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.