پنهنجو عهدو نه پيو ڇڏيان: پي سي بي چيئرمين

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي عهدو ناهي ڇڏي رهيو.

صحافين سان وڊيو لنڪ تي ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته پي سي بي چيئرمين جي عهدي کي سياست سان نه جوڙيو وڃي.

هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان 6 مهينا اڳ چيئرمين بڻجڻ جي آڇ ڪئي هئي، آپشنز آهن ۽ چيئرمين جو عهدو ناهيان ڇڏي رهيو.

پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪو اهو نه سوچي ته مان عهدي سان چنبڙيل آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.